لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ جي سنڌي معنيٰ
”نہ ھن ڪنھن کي ڄڻيو آھي نہ ئي وري ھو ڪنھن مان پيدا ٿيو آھي.“
(قرآن مجيد جي سورہ اخلاص جي آيت)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Who has not given birth, and has not been born."
(A verse of Soorah Ikhlas in Holy Quran)
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ جا بيتن ۾ حوالا
اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين تان سيئِي،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، وانءُ اوڏاھِين پيھِي.
تِھان مَنجهيئِي، پارَکَ پَرِکِجِ حَقَ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 5 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَري،
ڳَنان عَھَدَ اَلَستَ جي، ڪِ تِھائِين پَري،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، مارُئِي ڪِيئَن ڪَري،
اَڄُ ڪِ ڪالَهہ مَري، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 1 ]

نَہ ڪَنھِن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ،
نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، اِيءَ نِجابَتَ نِياءُ،
ڪِبرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 17 ]

پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“ سين وِجُهہ لُڻِي،
لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن ڌُڻِي،
اِھا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 29 ]
لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن ڌُڻِي،
اِھا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 29 ]
English Meaning
"Who has not given birth, and has not been born."
(A verse of Soorah Ikhlas in Holy Quran)
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ٻول جا زمرا