لَنڊِي جي سنڌي معنيٰ
رنڊي، جسم فروش، بدڪردار، جنس جو ڪاروبار ڪندڙ عورت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Prostitute, sex worker
لَنڊِي جا بيتن ۾ حوالا
سَتِي ٿِيءُ مَ سُهڻِي، لَنڊِي ٿِي لُڏيجِ،
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ،
ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 29 ]
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ،
ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 29 ]
جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ ٿِيءُ واڻيندَلَ وِچَ ۾،
جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 13 ]
جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 13 ]
سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاڏَ ڪَري،
آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 17 ]
آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 17 ]
English Meaning
Prostitute, sex worker