لَڌو جي سنڌي معنيٰ
حاصل ڪيو، هٿ ڪيو، ڏٺو، پاتو، حاصل ٿيو، لَڀيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Found, obtained, achieved.
لَڌو جا بيتن ۾ حوالا
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو،
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرُ ڇُلُ مَ تُون،
مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 17 ]
مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 17 ]
سُورَنِ لَڌو سَنجُهہ، پاڻِهين پيھِي آيا،
ڪَنھِن کي ڏِيان مَنجُهہ، مَرُ ٿا چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 13 ]
ڪَنھِن کي ڏِيان مَنجُهہ، مَرُ ٿا چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 13 ]
ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ،
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]
سَمي سامائي، مانُ لَڌو ميئِيين،
نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندَرِيءَ، اُڀي اِنَ پَرِئي چايائين.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 19 ]
نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندَرِيءَ، اُڀي اِنَ پَرِئي چايائين.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 19 ]
English Meaning
Found, obtained, achieved.