لَکاءِ جي سنڌي معنيٰ
پرک ڪر، معلوم ڪر، سمجهہ، سمجهي وڃ، سھي ڪر. ڏس وائس، نظر ڪر، جانچ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To ascertain, acquire knowledge of, find out, understand.
لَکاءِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ،
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکاءِ مَ تُون،
تو جو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن سين آئُون نَہ ڪا تُون،
رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 6 ]
تو جو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن سين آئُون نَہ ڪا تُون،
رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 6 ]
ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ،
جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ،
پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ ناھِ مَجالَ مِرُونءَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 19 ]