لَڳِيءَ جي سنڌي معنيٰ
لَڳڻي، پيار، دل لڳي، لنئون، محبت، عشق، نينھن، پريت، ڀاءُ ، چاھ، شوق، اُڪَنجهر، اُڪير، خواھش، اِڇا، چاھت ، گهڻي. آرزو، تمنا. انتھا، بُک. دوستي، آشنائي، لاڳاپو، تعلق ، نسبت. دشمني، وير، وِروڌُ. اٽڪ. رنڊڪ، روڪ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Love, affection, adore, amour
لَڳِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ،
لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ،
ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 13 ]
لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ،
ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 13 ]
English Meaning
Love, affection, adore, amour