لِکَنِ جي سنڌي معنيٰ
تحرير ڪن، ڳڻن، لکائي ڪن، نقل ڪن، لکي وڃن، درج ڪن، نوٽ ڪن، داخل ڪن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Write, count, draw
لِکَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ،
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]
اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا لِکَنِ،
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ،
قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ،
اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون، ماڳھِين ٻِئو لِکَنِ.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 24 ]
قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ،
اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون، ماڳھِين ٻِئو لِکَنِ.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 24 ]
اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين،
وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين،
جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،
ڀَنڀِيُون ڀِرِي آيُون، آيَلِ مُون اُتاھين،
قَلَمُ جَنِ جي ھَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائِين،
بَندِيءَ جِي بازارَ ۾، شالَ مَ لِکَنِ لائِين.
[ سُر آسا، وايون، 3 ]