مارُئِي جي سنڌي معنيٰ
عمر ۽ مارئي جي قصي جي سورمي. سنڌ جي هڪ مشھور سِيل سَتُر واري عورتُ.
مارُن جي ڄائي: سنڌ وطن سان محبت رکندڙ مشهور ڪردار، جنهن سنڌ جي بادشاه عمر سومري جي بادشاهي آڇن کي ٺڪرائي، پنهنجي ۽ مارُن جي لڄ سلامت رکي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Marui, a virgin woman of Thar who was abducted by the then king Umer Soomro, but she refused all his privileges and saved her virginity. She loved her village and native parents. She is symbol of modesty and patriotism toward own county.
مارُئِي جا بيتن ۾ حوالا
قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]
ڪو ڏِينھُن آھِين ڪوٽَ ۾، لوئِي ھَڏِ مَ لاھِ،
ڪامِڻِ آنھِنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آھِ،
ھِتِ مَ پارِجِ ھيڪِڙو، پائُرَ جو پَساھُ،
سَتي سِيلُ نِباھِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 7 ]
ڪامِڻِ آنھِنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آھِ،
ھِتِ مَ پارِجِ ھيڪِڙو، پائُرَ جو پَساھُ،
سَتي سِيلُ نِباھِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 7 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ،
راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ،
آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،
وينگَسِ ويڙِهيچَنِ ري، ٻِي مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ ڪوٽِئان نِڪِري.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 1 ]

مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، آھيسِ مَنِ مَلِيرُ،
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ڪونِهي اِنَ اوڄاھُ،
عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،
ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ نَہ موٽِئا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 3 ]
عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،
ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ نَہ موٽِئا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 3 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، نَہ کِلي نَہ کاءِ،
عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ،
ھِيءَ جَا ڪِيَئِي ھاءِ، مَھِندان اِيندَيئِي مُنھَن ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 4 ]
عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ،
ھِيءَ جَا ڪِيَئِي ھاءِ، مَھِندان اِيندَيئِي مُنھَن ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 4 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ،
سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ،
عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي ماڙِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 5 ]
سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ،
عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي ماڙِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 5 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، مَحَلين مارُوئان ڌارَ،
پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ،
جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ وِھَندِي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 6 ]
پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ،
جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ وِھَندِي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 6 ]
مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنھِن مَلُورَ،
اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ،
پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،
چِتَ جَنِ جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَہ ڪَندِيُون.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 7 ]
اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ،
پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،
چِتَ جَنِ جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَہ ڪَندِيُون.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 7 ]
مُون ساڻيھُ سُڃَ ۾، وَڻَ وَطَنَ جا ڏُورِ،
آندِي ڪَنھِن ضَرورَ، ڪاڻِيارِي مارُئِي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 18 ]