مارُوئَڙَنِ جي سنڌي معنيٰ
مال چاريندڙَن، مالدارن. جهنگ جي رهاڪن، مسڪينن، غريبن، نادارَن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
herdsmen, poor fellows, people living along with live stock..
مارُوئَڙَنِ جا بيتن ۾ حوالا
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ مارُوئَڙَنِ جو مَرَڪُ،
ڪَنڊِيُنِ ۾ ڪَٽَڪَو، ڏِھاڙِي ڏَرَڪُ،
والِي وارِ وَرَقُ، تَہ ويٺا ھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 18 ]

جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي،
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]

عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاءُ،
سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ،
اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 15 ]

ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَھِيَرَ مارُوئَڙَنِ جا،
پائُرُ سَڀَ پَچِي پِئو، گهَرِ گهارِيندِي ڪيرَ،
جَنِ ھيڪاندِيءَ ھيرَ، تَنِ ڦوڙائو مَ ڏيِين
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 16 ]

جِيئَن ڳَنڍِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوئَڙَنِ سين،
ڏِنِيُون لَسَ لَطِيفُ چئَي، ھِينئَڙي کي حَمِيرَ،
وَڃِي مَنجِهہ مَلِيرَ، سَڀَ ڇوڙِينديَسِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 24 ]

وَرُ سي وَطَنَ ڄايُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ،
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ،
ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 16 ]

جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي،
لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن،
ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي ھِيئَن،
ماڙِيءَ لَڳُمِ ميھَڻو، سَڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن،
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئَن، مَنَھِن مارُوئَڙَنِ جي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 1 ]

ھِڪُ جَي نَہ ڄاياسِ، ٻِئو ڄاپَندي جَي مَران،
گَهنگهَرُ گهَڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 3 ]

مَنان مارُوئَڙَنِ، ڇَنِ نَہ وييَسي وِسَرِي،
قَيدِ ڪِئَڙِيُئِي ڪوٽَ ۾، ڏاڍا سين ڏاڍَنِ،
پَلئو پَنوَھارَنِ، سوسُ مُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 24 ]

وَنھِيان ٿِيَنِ وَٿاڻَ، ڏوگاھِي ھُئانِ جٖي،
سيئِي ڀيڻِيُون ڀاڻَ، موٽِي مارُوئَڙَنِ اَڏِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 23 ]