ماڻِيين جي سنڌي معنيٰ
حاصل ڪرين، پسين، ملئي، ھٿ ڪرين، انعام ۾ ملئي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Enjoy, possess, get, obtain, to have
ماڻِيين جا بيتن ۾ حوالا
مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ،
ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 1 ]
ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 1 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ،
خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ راھَ رَميجِ، تَہ مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 13 ]

مَنجهان پَنءَ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ سَسُئِي،
ويھِي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ،
تَہ تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 17 ]
ويھِي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ،
تَہ تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ اِھائِي پارِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 17 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ،
”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي،
سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ توڙان ماڻِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 15 ]
”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي،
سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ توڙان ماڻِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 15 ]
سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ،
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ،
جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،
لاھُوتِيءَ ڪو لاڳُ، مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 14 ]
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ،
جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،
لاھُوتِيءَ ڪو لاڳُ، مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 14 ]
ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ ۾ وِصالَ جِي،
دوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ،
سُپيرِيان جي سُونھَن ۾ رُخنو ڪونَہ رِھاءِ،
اَکِ اَشھَدُ چاءِ، تَہ مُسلِمانِي ماڻِيين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 34 ]
دوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ،
سُپيرِيان جي سُونھَن ۾ رُخنو ڪونَہ رِھاءِ،
اَکِ اَشھَدُ چاءِ، تَہ مُسلِمانِي ماڻِيين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 34 ]
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي وِجُهہ مَ جِيءُ،
ھَنجَ حُضُورِي ٿِيءُ، تَہ ماڻِيين ڪُونرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 15 ]
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي وِجُهہ مَ جِيءُ،
ھَنجَ حُضُورِي ٿِيءُ، تَہ ماڻِيين ڪُونرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 15 ]
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ،
مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ،
ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 16 ]
مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ،
ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 16 ]
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ،
ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،
پَکِي پھرِين پُورِ، ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 17 ]