موٽاءِ جي سنڌي معنيٰ
موٽ ڏي، واپس ڪر، ادا ڪر، وراءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To cause to return, give back, return, restore, reject.
موٽاءِ جا بيتن ۾ حوالا
جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو مَڱَڻَھارُ مَ موٽاءِ،
جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ،
جو گهُران سو گهوري ڏي، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ،
اَٿَمِ آسَ اِھا، تَہ وَڃِي ڏيکارِيان ڏيھَ ۾.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 13 ]
جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ،
جو گهُران سو گهوري ڏي، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ،
اَٿَمِ آسَ اِھا، تَہ وَڃِي ڏيکارِيان ڏيھَ ۾.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 13 ]
جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين، سو ڪِي پَلَئِي پاءِ،
مُون کي مَ موٽاءِ، آئُون آڳاھُون آيو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 15 ]
مُون کي مَ موٽاءِ، آئُون آڳاھُون آيو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 15 ]
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون موٽاءِ، مُون واجِهيندي وِھاءِ،
سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ،
گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون نَہ سُھاءِ،
ڪاڪِئان وَڃَڻُ ڪيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان، پيرَ پَرَچِي پاءِ.
[ سُر راڻو، وايون، 2 ]