موکِي جي سنڌي معنيٰ
شراب چڪائيندڙ، مَد وڪڻندڙ، ڪَلالُ. (اسم خاص). ’موکي ۽ مَتارا‘ لوڪ افساني جو ڪردار. ڪلالڻ. ميخاني جي مُک ساقي جو نالو (حسين جوان زال جيڪا ميخاني تي شراب ڏيندي هجي).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A female wine-dealer, a mead-seller. (proper noun). 'Mokki and Matara' folk tale character.
موکِي جا بيتن ۾ حوالا
موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ،
وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 10 ]

ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]

مَتارا مَرِي وِئا، موکِي تُون نَہ مَرين،
ڪِھَڙِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 11 ]

مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ،
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]

جِتِ کُورا ماڳَ، مَٽَ ڪُٽِڪا ڪَٽَ گَهڻا،
لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 26 ]
لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 26 ]
English Meaning
A female wine-dealer, a mead-seller. (proper noun). 'Mokki and Matara' folk tale character.
موکِي ٻول جا زمرا