ميٽُ جي سنڌي معنيٰ
جابلو مٽيءَ جا دڳ، جنھن سان صابڻ جو ڪم ورتو ويندو آھي، ملتاني مٽي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fuller’s earth, used in washing the hair of the head etc.
ميٽُ جا بيتن ۾ حوالا
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، مَحَلين مارُوئان ڌارَ،
پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ،
جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ وِھَندِي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 6 ]

آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]