ميھَڻو جي سنڌي معنيٰ
عتاب، ويڻ، ڏوراپو، طعنو، ويار، اورانڀو، آلانڀو، اوڀالو، چاڻڪ، سهمو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Reproach, upbraiding, by putting one in mind of obligations unpaid, sarcasm.
ميھَڻو جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]

سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي،
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]

مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 23 ]

جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ،
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]

ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀَ نَہ ھُونِ،
پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 6 ]

ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو،
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]

سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻُ تَنِي ميھَڻو،
اِيءُ مَرَڪُ مَعذُورِنِ، جِيئَن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 19 ]

جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي،
لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن،
ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي ھِيئَن،
ماڙِيءَ لَڳُمِ ميھَڻو، سَڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن،
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئَن، مَنَھِن مارُوئَڙَنِ جي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 1 ]

مُوران موٽَڻَ ميھَڻو، نُوڻِي نانگَ نَہ ڪَنِ،
ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳارا ڪِئو ڳِھَنِ،
وٽِيين وِھُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نَہ لَھي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 2 ]