مَعمُورُ جي سنڌي معنيٰ
جوڙي راس ڪيل، آباد ٿيل، اڏيل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا - ڀٽائي پيڊيا
معمور (ع) اڏيل، آباد، راس. (بمبئيءَ واري سنگي ڇاپي جي پڙهڻيءَ موجب معنا آھي: امر ڪيل. مامور ڪرڻ. مقرر ڪرڻ)
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
Developed, ripen, complete
مَعمُورُ جا بيتن ۾ حوالا
آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ،
لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 6 ]
لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 6 ]
ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري،
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
اوڳارِينِ نَہ اَنَراَ، ٻَڌا چَرَنِ نَہ ٻُورُ،
ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ اڳِيين پَنڌَ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 15 ]
ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ اڳِيين پَنڌَ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 15 ]
English Meaning
Developed, ripen, complete