مَچُ جي سنڌي معنيٰ
گهڻي باھ، ڀنڀٽ، ڀڀڙ، اولاڀو، آڙاھ، باھ جو شعلو، ڄڀي، باھ، آڳ، آگ، تانڙي، تابش، تپت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Flames, blaze, heat, fire.
مَچُ جا بيتن ۾ حوالا
پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 2 ]
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 2 ]
مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ،
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري،
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 25 ]
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 25 ]
اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين،
پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 11 ]
پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 11 ]
ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي،
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين،
ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ،
مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 28 ]
ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ،
مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 28 ]
چَنڊَ چَوانءِ سَچُ، جي مَٺِين نَہ ڀانئِيين،
جو تو ۾ ٻَري مَچُ، سو پَدَمُ پِريان جي پيرَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 29 ]
جو تو ۾ ٻَري مَچُ، سو پَدَمُ پِريان جي پيرَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 29 ]
اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو،
مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ،
اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ سُڻائِيين سُورَ جِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 2 ]
مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ،
اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ سُڻائِيين سُورَ جِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 2 ]
English Meaning
Flames, blaze, heat, fire.