مَڱڻَھارَ جي سنڌي معنيٰ
گهُر ڪندڙ، سدائين گهرندڙ ، سُوالي. ڳائيندڙ وڄائيندڙ. ڳائي وڄائي گذارو ڪندڙ ھڪ قبيلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of beggar who goes from door to door playing on a musical instrument.
مَڱڻَھارَ جا بيتن ۾ حوالا
سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،
تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، لَنگهي دَرُ دُوارَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، خِلوَتَ لَئي کَنگهارَ،
اَلسَّلَامُ عَلَیْڪَ أَیُّہَا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃ اللّٰہِ ، کِلي ڪِئائُون کِيڪارَ،
تِھان پوءِ ڏاتارَ، ڏِئُو مُلڪُ مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 11 ]

مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاھِ،
پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 2 ]
پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 2 ]
ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ،
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
موٽِي مَڱڻَھارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِھِين،
اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ،
جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 8 ]
اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ،
جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 8 ]
ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ سُرَھو نَہ ڪِئو،
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]
جِيءُ مَڱڻَھارَ مَ ھوءِ، جِيئَن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪِئو،
جَو مُون مُورُ نَہ سَپَجي، تان جي سو گهُرِيوءِ،
تَہ جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ھُوندَ ڏُونگهو ڏاتارَنِ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 14 ]
جَو مُون مُورُ نَہ سَپَجي، تان جي سو گهُرِيوءِ،
تَہ جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ھُوندَ ڏُونگهو ڏاتارَنِ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 14 ]
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
ڪِينهي مَنجِهہ ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو لاھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 17 ]
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
ڪِينهي مَنجِهہ ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو لاھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 17 ]
چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]
ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي، سُتي سُئائِين،
موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين،
ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي گهُرين سائِين،
ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُرِ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 17 ]
موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين،
ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي گهُرين سائِين،
ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُرِ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 17 ]
ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين ۾ ٺارَ،
سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ،
ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 16 ]