مَھربانُ جي سنڌي معنيٰ
مِھر ڪندڙ، مِھر وارو، ڀَلو. ڀلائي ڪندڙ. رحم دل، ٻاجهارو، يار، سَڄڻ، گهڻگهرو، خيرخواھ، همدرد، غمخوار، هڏ ڏوکي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Friendly, kind, gracious.
مَھربانُ جا بيتن ۾ حوالا
باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ،
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]
English Meaning
Friendly, kind, gracious.