مُقابِلو جي سنڌي معنيٰ
مُنھن آڏائي، سامهڻائي، برخلافي، مخالفت. چٽاڀيٽي، ويڙه، جهيڙو، لڙائي، رُوڪشي، ضِد، مورچو، جنگ. ڀيٽ، مشابھت. برابري، ھمسري، ھڪجھڙائي. اوچتي ملاقات، گڏجاڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comparison, confronting, comparing.
مُقابِلو جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ،
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو،
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]