مُقامَ جي سنڌي معنيٰ
منزل گاه، ڀاڻو، قيامو، اُتارو، لاشن دفن ڪرڻ واري زمين، قبرستان، گورستان. ترسڻ جي جاءِ، مَسڪن، آستانُ، ٺِڪاڻو، آستانو، جڳھ، جاءِ، مڪان، گهر، منزل، ڊاٻو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A burial ground, cemetery, graveyard. A resting place, a stage in a journey, a halt.
مُقامَ جا بيتن ۾ حوالا
سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي،
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]
ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ،
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]
مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي،
اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ،
اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 21 ]