مُلڪُ جي سنڌي معنيٰ
ديسُ، ڏيسُ، ڏيھُ. وطن، ساڻيھ. ولايت، ڪِشوَرُ، دُيار، اَقلِيم. رياست، راڄ، سلطنت، بادشاهت، عِلائقو، عملداري، ملڪيت، سرڪار، حڪمراني. صُوبو، پرڳڻو، شھر، ننگر، ننگري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A country.
مُلڪُ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَتِ پَچَرَ پِرِينءَ جِي، سَڀَتِ ھوتُ حُضُورُ،
مُلڪُ مِڙيئِي مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھِبا ڪيتِرا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 2 ]
مُلڪُ مِڙيئِي مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھِبا ڪيتِرا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 2 ]
تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي وَحدَتَ ويھُ،
اُونُهون مُلڪُ اللهَ جو، ڪَنھِن ڇُلِي ڏِٺو نَہ ڇيھُ،
ماٺِ مَڙِهيءَ ۾ پيھُ، تَہ ويٺيئي وِيرُناٿُ ٿِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 16 ]
اُونُهون مُلڪُ اللهَ جو، ڪَنھِن ڇُلِي ڏِٺو نَہ ڇيھُ،
ماٺِ مَڙِهيءَ ۾ پيھُ، تَہ ويٺيئي وِيرُناٿُ ٿِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 16 ]
ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيريُون، ڏاسَ جَنِي ڏاجو،
پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو،
اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 17 ]
پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو،
اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 17 ]
ھي ھَنڌَ ماڙِيُون ھاڻِ، ساڙِيان سَڀَ ڏيھِيَن ري،
ڪُلُ شَیئٍ یَّرجِعُ اِلٰی اَصلِہٖ ، ٿِي جِهڄان جهانگِيَنِ ڪاڻِ،
ڀِرِي پَنھِنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪُ مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 14 ]
ڪُلُ شَیئٍ یَّرجِعُ اِلٰی اَصلِہٖ ، ٿِي جِهڄان جهانگِيَنِ ڪاڻِ،
ڀِرِي پَنھِنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪُ مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 14 ]
پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏُورِ،
راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
ڏاڍي ڪَنھِن ضَرُورِ، مُلڪُ مارُنِ ڇڏِئو.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 18 ]
راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
ڏاڍي ڪَنھِن ضَرُورِ، مُلڪُ مارُنِ ڇڏِئو.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 18 ]
وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَھو، مَ ڪِي آءُ مَ ڳاءُ،
جاجِڪَ تو مَٿان، مُلڪُ مِڙيوئِي گهورِيان.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 17 ]
جاجِڪَ تو مَٿان، مُلڪُ مِڙيوئِي گهورِيان.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 17 ]
سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،
تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، لَنگهي دَرُ دُوارَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، خِلوَتَ لَئي کَنگهارَ،
اَلسَّلَامُ عَلَیْڪَ أَیُّہَا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃ اللّٰہِ ، کِلي ڪِئائُون کِيڪارَ،
تِھان پوءِ ڏاتارَ، ڏِئُو مُلڪُ مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 11 ]