مُياسِ جي سنڌي معنيٰ
مري يا برباد ٿي ويس. تھس نھس ٿي ويس. ختم ٿي ويس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
I've been died, I am died.
مُياسِ جا بيتن ۾ حوالا
ھاڙِھي ھوتَ مُياسِ، دوستَ مُياسِ، لَڳِي يارَ لڪن ۾،
عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ،
سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان نَہ ھُياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 21 ]
عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ،
سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان نَہ ھُياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 21 ]
ھارِئَا ويڄَ مُياسِ، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 15 ]
پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 15 ]
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ،
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 23 ]
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 23 ]
وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو،
آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ،
پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي، توڻي ماءَ مُياسِ،
آيَمِ اَنڌي لوڪَ سين، مُٺِي آئُون مُٺياسِ،
پِئُمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آئُون سُتِياس،
پييمِ پُنهونءَ ڄامَ سين، ڪُٺِيءَ آئُون ڪُٺِياسِ،
اَلا اُنِ مَ وِسَران، ڏِٺي جَنِ جياسِ،
پاڻُ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي آئُون ڇُٽِياسِ،
پييَسِ وَرِ وِصال جي، جانڪِيتان جِياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 9 ]

واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جَي ھِتِ مُياسِ،
تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ،
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ واسُ،
تَہ ڪَرَ مُيائِي جِياسِ، جَي وِئو مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 22 ]
تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ،
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ واسُ،
تَہ ڪَرَ مُيائِي جِياسِ، جَي وِئو مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 22 ]
جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾،
تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ،
جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
مارُنِ مُونجهَہ مُياسِ، نَہ تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 1 ]
تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ،
جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
مارُنِ مُونجهَہ مُياسِ، نَہ تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 1 ]
ڪارايَلَ مُياسِ، وَڻِ چَڙِهئو وايُون ڪَرِيين،
تو پُڻ چورِياسِ، مُون پُڻ سَڄَڻَ سارِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 1 ]
تو پُڻ چورِياسِ، مُون پُڻ سَڄَڻَ سارِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 1 ]
English Meaning
I've been died, I am died.