ناڪيلِيُون جي سنڌي معنيٰ
اُٺن جي نڪ ۾ مھارون وجهڻ لاءِ ڪاٺ يا لوھ جون سنهيون ڏنڊيون يا سيخون
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Nose rings for camels
ناڪيلِيُون جا بيتن ۾ حوالا
جَتَنِ جا جيلان، ٿِي ساٿَ پُڇائي سَسُئِي،
آيَسِ آرِيءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلان،
اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَن ۾، دُھرِيُون دَليلا،
سِرِھَڻِئو سيلا، لايو نِينھُن نِنڊُون ڪَري.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 10 ]
آيَسِ آرِيءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلان،
اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَن ۾، دُھرِيُون دَليلا،
سِرِھَڻِئو سيلا، لايو نِينھُن نِنڊُون ڪَري.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 10 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ،
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 13 ]
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 13 ]
اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ھُوءِ ڪَري،
آرِي ڄامُ اُٺَنِ تي، واڪِئان تان نَہ وَري،
ھُنِ تان پُنڌُ پَري، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 14 ]
آرِي ڄامُ اُٺَنِ تي، واڪِئان تان نَہ وَري،
ھُنِ تان پُنڌُ پَري، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 14 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ جَڙِيائُون جُهوڙا،
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران،
ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 16 ]
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران،
ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 16 ]
English Meaning
Nose rings for camels
ناڪيلِيُون ٻول جا زمرا