نيڻين جي سنڌي معنيٰ
اکين جو، اکين سان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of or for eyes
نيڻين جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
جَنِي لاءِ ڪِئا مُون، چاڙِھيڪا نيڻين،
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳَڻَ ڳَھِئو ھِنيُونن.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 13 ]
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳَڻَ ڳَھِئو ھِنيُونن.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 13 ]
نَنگَرِئو نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَہ اوھَري،
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳَهِيو ھِنيُون.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 8 ]
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳَهِيو ھِنيُون.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 8 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين،
مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا،
دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،
ساري سُپِرِين کي، رَھبَرِ رَتُ رُنائِين،
دامَنِ تيڏِيءَ چَنگُلُ ميڏا، روزَ قِيامَتَ تائِين،
پِيرُ اَسانڏا حضرتُ مِيران، جُمِلي دِي آسَ پُڄائِين،
جيڏاھَن عالَمَ آسِرو، مُون پُڻ آھِ اوڏاھِين.
[ سُر سھڻي، وايون، 6 ]

ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي
جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ،
کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 20 ]
جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ،
کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 20 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا،
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
وَڻِڪاران وائِي، ڪا جَا آندِي ڪيچِيين،
سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 4 ]
سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 4 ]
English Meaning
Of or for eyes