نَنگا جي سنڌي معنيٰ
بنا ڪپڙن جا، بنا ڍَڪَ، لورا، اُگهاڙا، نانگا، عُريان، کُليل، صاف صاف. خالي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Naked, uncovered.
نَنگا جا بيتن ۾ حوالا
نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ،
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]
نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو،
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
نَنگا آھِيُون نِکَتا، اَسِين مارُو لوڪَ،
ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 8 ]
ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 8 ]
English Meaning
Naked, uncovered.