نَڪَنِ جي سنڌي معنيٰ
جاندارن ۾ ساھ کڻڻ جا عضوا، نڪ جن ۾ ناسُون ٿين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The noses.
نَڪَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ،
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 13 ]
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 13 ]
اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ھُوءِ ڪَري،
آرِي ڄامُ اُٺَنِ تي، واڪِئان تان نَہ وَري،
ھُنِ تان پُنڌُ پَري، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 14 ]
آرِي ڄامُ اُٺَنِ تي، واڪِئان تان نَہ وَري،
ھُنِ تان پُنڌُ پَري، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 14 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 15 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ جَڙِيائُون جُهوڙا،
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران،
ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 16 ]
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران،
ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 16 ]
جَنِي سَندي مُنھَن ۾، نِھايُون نَڪَنِ،
تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 18 ]
تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 18 ]
English Meaning
The noses.