نِباھي جي سنڌي معنيٰ
بسر ڪري، گذاري، لنگهائي، گهاري، ڪاٽي، ساٽي، (وقت) پاس ڪري. راس ڪري، پورو ڪري، توڙ ڪري. پاري (انجام)، پڇاڙي ڪري، پڇاڙيءَ تائين ساٿ ڏيئي. پُڄائي، وفا ڪري، سچو رهي. بجا آڻي، ادا ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To pass, get through time, to get through, accomplish, achieve, perfect, perform, transact.
نِباھي جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ،
ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ،
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 19 ]

ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ ھِنيَين،
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين،
جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 14 ]

ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين،
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو،
وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،
جٖي ڏُھارِيَنِ ڏاکَڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
نُورُ ناڪارو نَہ ڪَري، مُحَّمَدُ مِنَٿَ مَڃِيندو،
پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪَرمُ ڪَرِيندو،
تَنبُو آڻي تاوَ ۾، عاصِيَنِ لَيءِ اَڏِيندو،
داتا دوزَخِيَنِ کي، لِينگهو لَهرائِيندو،
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪُ رَنگُ مَٽِيندو،
ھِتِ پُڻ حامِي ھِنِ جو، اَڳِئان آڳَهُہ ٿِيندو،
طَھُورا تَڙِيَنِ کي، پانڊپُ پِئارِئيندو،
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ ، اَھُکِيءَ آڳَھُ ٿِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، ھادِي ھَٿُ جَهلِيندو.
[ سُر بلاول، وايون، 4 ]