واتِ جي سنڌي معنيٰ
وات وجهي، وات ۾، ڳالهائيندي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mouth, to offer drink/eat, in sayings
واتِ جا بيتن ۾ حوالا
موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ،
وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 10 ]

تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]

تَرسُ طَبِيبَنِ جو، جَڏَنِ ڪِئو نَہ جاتِ،
جَو ويڄَنِ جي واتِ، دارُوئا تَنھِن دُورِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 6 ]

عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]

ڳِجهُون ڳاڙھي واتِ، اَڄُ اُڏامِي آيُون،
پُڇَنِ ٿيُون پِرڀاتِ، ڪِٿي راوَتَ رانِئيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 4 ]

گِندا گُشِي پاڻَ ۾، ڪَنِ گِرُھَہ باتِ،
اِھا وائِي واتِ، عَيشَ ڪِلُون بِرھَہ بُرُون.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 21 ]

چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]

ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ،
اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ،
جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي جِي تاتِ،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، رَھَ ۾ پييَنِ راتِ،
مِلان مَحبُوبَنِ کي، وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ.
[ سُر ديسي، وايون، 15 ]

نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ،
سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ،
جٖي واڳُو واتِ وَڃَنِ، ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 19 ]

جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي،
پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون پُوري وِئا مائِي،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءَ واتِ ويچارَنِ وائِي.
[ سُر پورب، وايون، 7 ]