واجِبُ جي سنڌي معنيٰ
جائز، ٺيڪ، مناسب، ضروري، لازم. پورو پنو. سچو، راستو، سَت، برحق، بَتارت، برحال، ساڀيان، پورو، ٺيڪ، صحيح، درست.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Right, appropriate, necessary. Truth, mandatory.
واجِبُ جا بيتن ۾ حوالا
ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ،
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]

ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، چَڙَنِ چورِئا چاڪَ،
تَنِي جِيءَ اوطاقَ، وَڃَڻُ واجِبُ مُون پِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 12 ]