واقُفُ جي سنڌي معنيٰ
ڄاڻو، ڄاڻندڙ، سڃاڻو، سڃاڻندڙ. آگاھ، مانجهيڙو، ڀيدي، محرم راز. ڄاڻ پڇاڻ، ماهر، واقفيت، مھاکڙو، سھپيو، ڏيٺ، پرچو، راز ڄاڻيندڙ، پرچيوان. تجربيڪار، حالڀائي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Acquainted, having knowledge of, privy to.
واقُفُ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي آڳِ اُجهاءِ،
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ،
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نَہ پاءُ،
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ،
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳِئان سَفَرُ سَٽاڻو،
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ،
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]