ويجهو جي سنڌي معنيٰ
اوڏڙو، قريب، ڀِڪ سان، نزديڪ، ويجهڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Near, nearby, close, adjacent, beside.
ويجهو جا بيتن ۾ حوالا
ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو،
دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 22 ]
دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 22 ]
ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]
ھِتان کَڻِي ھُتِ، جَنِ رَکِئو سي رَسِيُون،
ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 2 ]
ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 2 ]
اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين،
وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ،
ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي، جِتِ سَندو گوھَرَ گامُ،
مَران تان مانُ لَهان، ٿِيان ڪيچِنِ تان قُربانُ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو ٿِئي مُقامُ،
ويجهو وَراڪَنِ ۾، اِيندو سو اِمامُ.
[ سُر معذوري، وايون، 7 ]

بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،
وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ جي اِختِيارِ،
ڪيٿي ٿِئو ڪوھِيارُ، ڪيٿي ٿِي ھَٿَ کَڻي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 8 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،
وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ جي اِختِيارِ،
ڪيٿي ٿِئو ڪوھِيارُ، ڪيٿي ٿِي ھَٿَ کَڻي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 8 ]
مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو،
ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو،
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 33 ]
ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو،
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 33 ]
ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ شَرَعَ جا ڇَڏِ،
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 24 ]
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 24 ]
جَي هُوندَ هِتي هُئِي مارُئِي، تَہ لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ،
اَرادا سِئُمِ عُمَرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽانسِ،
جَي نَہ ڇَڏِيائِين ڪِ جَهلِيائِين، پَنھِنجو اَنگُ آڇِيانس،
لاهي لوھَ لَطِيفُ چئَي، هِتان هُوندَ هَلانسِ،
موکي مارُوئَنِ سامُهُون، وَٺِي ٻانھَن وَڃانسِ،
رَهَبرُ ٿِي ريڙِهانسِ، سُونھاري ساڻيھَ ڏي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 8 ]

لَنئُن لَطِيفِي لاتِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي،
واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ،
ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ پِرِيَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 18 ]
واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ،
ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ پِرِيَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 18 ]
ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ،
لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ.
آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ،
تَنُ طالِبَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 23 ]