ويڙِهيچَنِ جي سنڌي معنيٰ
جهانگين، سانگين. مارو ماڻهن، ڏوٿين، ويريچن. ڳنوارن، جهنگ ۾ رهندڙن، سادن مائٽن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Parents, own relatives, land mates, simple humans
ويڙِهيچَنِ جا بيتن ۾ حوالا
هِنَ مُنھِنجي حالَ جو، وِرھُ نَہ ويڙِهيچَنِ،
چُران تَہ چُورِ ٿِيان، نِيَر ڪِينَ نَمَنِ،
هِڪُ لِڱين لوھَ چُرَنِ، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 19 ]

”اَلَستُ بِرَبِڪُم“ ، جَڏھِن ڪَنِ پِئومِ،
”قالُوا بَلیٰ“ ، قَلبَ سين، تَڏِھِين تِتِ چَيومِ،
تَھِين ويرَ ڪِئومِ، وَچَنُ ويڙِهيچَنِ سين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 1 ]

تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ وَڃِي ٿاڻا ڪِئا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 13 ]

ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين،
جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي،
پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ آئُون ڏِيندِي،
ڪوڪَڙِ ڪوڍيرَنِ ۾، ڦُوڪي ڦَڪَ ڀَرِيندِي،
عُمَرَ اُنِهين ڏيھَ جا، ڪوڍِرَ قُوتُ ڪَرِيندِي،
سَڱَرَ ساھِيڙِيَنِ سين، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
ٻَڪَرَ ٻاٻاڻَنِ جا، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌُوَندِي،
گولُون گولاڙن تان، جَهپي سان جَهٽيندِي،
عِيدُنِ بَرادُنِ تي، کِھَ مانڌاڻُو کِيندِي.
[ سُر مارئي، وايون، 3 ]

مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ،
راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ،
آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،
وينگَسِ ويڙِهيچَنِ ري، ٻِي مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ ڪوٽِئان نِڪِري.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 1 ]

ڪَري مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، مَٿي ڪوٽَ چَڙِھِي،
سارِيندي ساھيڙِيَنِ کي، ڳوڙھا پِئَسِ ڳَڙِي،
نِکَتِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ رَڙِي،
ويڙِهيچَنِ وَرِي، ڪَرَ نَہ لَڌِي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 10 ]

آھِمِ اُٺي مِينھَڙين، سَمُنَ سَرَتِنِ ساڻُ،
ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ، وَڃِي ويڙِهيچَنِ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 31 ]

فِڪرُ ۽ فاقو، مَرَڪُ مارُوئڙَنِ جو،
ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو،
ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 12 ]

مَٿِنِ ٽُوھَ ٽَسڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،
کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ،
اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 18 ]

چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَرِي،
تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي، سِٽائِي سَري،
ٿَرَ ۾ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 3 ]