ويڪِرو جي سنڌي معنيٰ
ڪشادو، خلاصو، مئو، جهجهو، گهڻو. ڍرو، سست، ڍلو. ڌار، الڳ، علحدو، علحده، جدا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Width, broad, ample, spacious, loose, wide apart, roomy.
ويڪِرو جا بيتن ۾ حوالا
مُون ڀانيو مُون وَٽِ ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھرِي وِئا پَٽِ،
ساھُ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارَ ۾.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 2 ]
ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھرِي وِئا پَٽِ،
ساھُ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارَ ۾.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 2 ]
آيا پِرِين گُهرَنِ، اوتارا اَکِيُنِ ۾،
ويڙھو ڏِيانِ ويڪِرو، وَنِيُنِ مَنجِهہ وِھَنِ،
آئُون ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِئا،
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 18 ]
ويڙھو ڏِيانِ ويڪِرو، وَنِيُنِ مَنجِهہ وِھَنِ،
آئُون ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِئا،
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 18 ]
ڪا مَ جَهلي ڪا مَ پَلي، مُنڌَ مُون کي ماءَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا،
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي پَٽِ وِئا،
جَهلُون پَلُون پائِيين، مَتِ نَہ آڇِيين ڪا،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جا، لورِي لالَ لَڳا.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 5 ]