وَحدانِيَتَ جي سنڌي معنيٰ
هِيڪڙائي، اڪيلائي، يڪتائي. هڪ هئڻ، هڪڙو هئڻ. ڌڻي تعاليٰ جي هڪڙائي (اهو عقيدو تہ خدا جي ذات هڪ آهي، عبادت رڳو خدا تعاليٰ جي ڪبي آهي، اهو عقيدو جنھن موجب واجب الوجود رڳو هڪ ئي آهي).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Unity (as an attribute of the Deity), a belief in the unity (of Allah, oneness of Allah, monotheism or belief in the oneness of Allah, unitarianism). Being single, alone, solitary, unity, singularity.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وَحدانِيَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري،
ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ سَري،
لَاْ يَفُوْتُ وَ لَاْ يَمُوْتُ ، سامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 27 ]

نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ،
نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي، وَحدانِيَتَ واھَ،
لِکِيائِين لَطِيفُ چئَي، اُتِ ڳُجهاندَرَ جِي ڳاھَ،
مُون تَوِھِين سين آھي، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 6 ]