وَرَقُ جي سنڌي معنيٰ
ڪتاب جو ورق يا صفحو، پنو، پني. وڻ جو پن. ڪاغذ جو ٽڪر، ڪٽيل ڪاغذ. چانديءَ جو سِڪو روپو وغيرہ. سون ۽ چانديءَ جا ٺاهيل ورق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Leaf of a book. One card in a pack. Gold or silver leaf foil.
وَرَقُ جا بيتن ۾ حوالا
صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وُجُودَ جو،
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]
وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران،
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو،
ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 14 ]
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو،
ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 14 ]
واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ،
وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ،
وَٱللَّهُ غَالِبٌ عَلَىٰ أَمۡرِہ ، پَرِ چَڱِي پارِينِ،
لاھُوتِي لَڏِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 26 ]

مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ،
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ،
وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 13 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ،
وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 13 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ مارُوئَڙَنِ جو مَرَڪُ،
ڪَنڊِيُنِ ۾ ڪَٽَڪَو، ڏِھاڙِي ڏَرَڪُ،
والِي وارِ وَرَقُ، تَہ ويٺا ھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 18 ]
ڪَنڊِيُنِ ۾ ڪَٽَڪَو، ڏِھاڙِي ڏَرَڪُ،
والِي وارِ وَرَقُ، تَہ ويٺا ھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 18 ]
هُوندَ مُون کي نِينِ مَلِيرَ ۾، پَرَ آئُون بَندِياڻِي بَندِ،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، هاڻي هِنَ هَنڌِ،
پُئان پائُرَ پَنڌِ، جي وَري وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 8 ]
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، هاڻي هِنَ هَنڌِ،
پُئان پائُرَ پَنڌِ، جي وَري وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 8 ]
لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ،
سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ،
ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،
سَندو مارُوءَ حَقُ، جانۡ جِيئان تانۡ پارِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 3 ]
سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ،
ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،
سَندو مارُوءَ حَقُ، جانۡ جِيئان تانۡ پارِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 3 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا،
وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ،
مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا،
مارُوءَ جي مِلَڻَ جو، واحِدَ وارِئو واءُ،
لَھِي لوھَ وِئا، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 10 ]