وَسِ جي سنڌي معنيٰ
وس ۾، قبضي ۾، هٿ هيٺ، تابع، تليدو، تربيت، پذير، قابو ۾، هٿ ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Submissive, docile.
وَسِ جا بيتن ۾ حوالا
پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي،
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]

جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ سَھي سِڙَه جِي،
پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ،
مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ جي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 10 ]

نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي،
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]

ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا،
ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي،
جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا، تَہ رَھايَم روئِي،
رَھُ قَضا دَمُ ڪوئِي، ھيڪَرَ ھيڪاندِي ٿِيان.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 6 ]

ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا،
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ،
اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 1 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ،
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]

ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻي، گَسَنِ تان مَ گُسانِ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي مانَ رَسان،
پُنهون شالَ پَسان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 4 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان،
پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان،
سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،
ڄامَنِ ڏانھَن ڄُلان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 5 ]