وَطَنِ جي سنڌي معنيٰ
ڏيھِ، ديسِ، ملڪِ، ديش، اصلي ڳوٺِ، ڄمڻ جي هنڌِ، جنم ڀومي. (اصل شُڌ سنڌي ٻول وٿاڻ، جتان عربيءَ ۾ وطن لفظ ٿيو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Native country, abode, home, native land.
وَطَنِ جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي،
ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو،
آھي عاجِزِنِ تي، سُپيرِيان جو سايو،
ڪِينَ وِھِندِيَسِ ڪُنڊَ ۾، نَہ مُون پَيءِ نَہ پايو،
ڪُٺَلِ ڪَجائَنِ ۾، چاڙِھي ھِيءَ ھَلايو،
وِھاري وَطَنِ ۾، شُهدِيءَ کي مَ سِڪايو،
مُنھِنجو پَنڌُ پِرِينءَ ڏي، ريبي تان مَ رَھايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 13 ]

آيَلِ ٻاروچا، وَرِي وَطَنِ آيا،
سائِينءَ صابِ وِڌا، اوجاڳا اَکِيُنِ جا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 22 ]
سائِينءَ صابِ وِڌا، اوجاڳا اَکِيُنِ جا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 22 ]
قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 9 ]
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 9 ]
سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن،
حُسُنَ ڌاران ھِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 7 ]
حُسُنَ ڌاران ھِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 7 ]
ڪُڇَنِ آھِيان ڪوٽَ ۾، ڇَنِ نَہ ڇَڄي ھيٺِ،
لوئِيءَ سين لَطِيفُ چئَي، ڀيرِئو ٻَڌان بيٺِ،
ھُتِ سَپَجي اُنَ سَسَنِ جِي، ھِتِ رِڇائِي ريٺِ،
ماڻِيان شالَ مَلِيرَ جِي، مُندائِتِي ميٺِ،
سَرَھِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِي ويٺِ،
ڏيھِيا مُون سين ڏيٺِ، ڪا مَدَتَ ڪِجاھُ ماڙِيين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 25 ]

اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسئو ٿِي ڏَران،
اَٿِمِ سِڪَ ساڻيھَ جِي، وَطَنِ شالَ وَران،
جَي آئُون هِتِ مَران، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 11 ]
اَٿِمِ سِڪَ ساڻيھَ جِي، وَطَنِ شالَ وَران،
جَي آئُون هِتِ مَران، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 11 ]
مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي،
آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري،
اِلاهِي عِنايَتَ سين، شَلَ کِينءَ مِڙان کِيڪاري،
قَلبُ مُنھِنجو ڪوٽَ ۾، گهايَلُ ٿو گَهاري،
مَران شالَ مَلِيرَ ۾، گولُنِ ساڻُ گُذاري،
پَکو پاڻِيءَ وِچَ ۾، پاڻِي پَکَي ڌاري،
اَمُنَ سان، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، والِي وَطَنِ واري.
[ سُر مارئي، وايون، 12 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مومِنَ پاسِ،
اَعرابِي اَحقافَ ۾، رَهي ويٺَمِ راسِ،
مارُنِ مُلا ماڙِيين، ڪَنھِن اِرادي آندِياسِ،
وَطَنِ آئُون ويندِياسِ، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 15 ]