وَڃَڻَ جي سنڌي معنيٰ
هلڻَ، اُسَھَڻَ روانو ٿيڻَ، پڌارجڻ، لڏڻ، ٽورڻ. لنگهڻ. گذرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To go, depart, pass. To be lost.
وَڃَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ،
آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 6 ]
آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 6 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ،
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 9 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 9 ]
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]
مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نَہ رَھَنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
پَڳَھَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 11 ]
ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نَہ رَھَنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
پَڳَھَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 11 ]
وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 25 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 25 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڏاڙِهيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،
ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ،
ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 6 ]
ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ،
ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 6 ]
پُڄان جي نَہ پُڄان، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان،
سَڳَرَ ۾ سُڄان، تَہ رائي ۾ رَڙِي مُئِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 7 ]
سَڳَرَ ۾ سُڄان، تَہ رائي ۾ رَڙِي مُئِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 7 ]
وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ،
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ،
پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ،
راتو ڏِينھَن رِڙھيجِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 6 ]
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ،
پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ،
راتو ڏِينھَن رِڙھيجِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 6 ]
ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]
English Meaning
To go, depart, pass. To be lost.