وَڙو جي سنڌي معنيٰ
لڇڻ وارو، افعال وارو، شائستو، لائق، محسن، مھربان، عنايتون ڪندڙ، نوازشون ڪندڙ، ڀلو، ايڇپو، چڱو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Generous, noble, person having goodness, donor, ethical man.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وَڙو جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي،
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]
اَبَڙو وَڏَ وَڙو سُوَڙو، سامُون جَهلي،
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]
English Meaning
Generous, noble, person having goodness, donor, ethical man.