وُٺا جي سنڌي معنيٰ
تي مينھن وسيو. ڀِڳا، پُسيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rained, wetted with rain.
وُٺا جا بيتن ۾ حوالا
بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
پِرھَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَريَنِ ھَٿَڙا، ٿِيُون سَنگهارِيُون سايُون،
ساري ڏُھَنِ سامُهِيون، ٻولاھِيُون ۽ رايُون،
ٻايُون ۽ دايُون، پَکَي سُونھَنِ پانھِنجي.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 6 ]

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو جيسَلمِيرَ،
آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ،
سُرَھا ڪِيائين سيرَ، سَرَھِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 7 ]
آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ،
سُرَھا ڪِيائين سيرَ، سَرَھِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 7 ]
بَرَ وُٺا ٿَرَ، وُٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ،
پوڃاڙِيءَ جو پَٽَنِ تي، ڏِسُ نايائِين نارَ،
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿو ڏُڙِتُ ڏيھَ تان.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 8 ]
پوڃاڙِيءَ جو پَٽَنِ تي، ڏِسُ نايائِين نارَ،
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿو ڏُڙِتُ ڏيھَ تان.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 8 ]
راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ،
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]
وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مُون کي عُمَرَ اُداسِي ڪِئو،
وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ،
کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 9 ]
وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ،
کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 9 ]
ٿَرَ وُٺا ٿاڌيلِ ٿِي، پَھرِئو چَرَنِ پَنَ،
هِينئَڙي راتِ اُڪيرِئو، مارُوءَ ڪارَڻِ مَنَ،
زيرِيُون لاھِ ضَعِيفِ تان، عُمَرَ ساڻُ اَمُنَ،
سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمُنَ، اُٺي وَلَهارَنِ ۾.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 9 ]
هِينئَڙي راتِ اُڪيرِئو، مارُوءَ ڪارَڻِ مَنَ،
زيرِيُون لاھِ ضَعِيفِ تان، عُمَرَ ساڻُ اَمُنَ،
سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمُنَ، اُٺي وَلَهارَنِ ۾.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 9 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاھي ڪاماري،
وُٺا پَٽَ پُراڻِ جا، اُٺِيُون ساماري،
ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، پَسو وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 11 ]
وُٺا پَٽَ پُراڻِ جا، اُٺِيُون ساماري،
ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، پَسو وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 11 ]
English Meaning
Rained, wetted with rain.