وِئو جي سنڌي معنيٰ
ويو، ھليو ويو، ڏور ٿيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gone, went
وِئو جا بيتن ۾ حوالا
ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِرِينءَ جو،
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ،
مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ،
کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،
ويسَ لالائِي لِڱَنِ جِي، جهولي جِيءُ جَهڙپِيوسِ،
قُربانِي قَبُولِيوس، باسي مُنڌَ مَوتُ ھَلي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 22 ]

اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان،
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]
وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُنِ ڏيئِي رَڱُ،
مُون جَنھِن سان سَڱُ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 16 ]
مُون جَنھِن سان سَڱُ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 16 ]
ھُئِي جي نَہ ھُئِي، تَہ راڻو رَنجُ رَکِي وِئو،
مارِيَس اِنَهِيءَ مامِري، جِيئَن سَڀَ ڪَنھِن ڳالِهہ سُئي،
ڪُرَڻِ ساڻُ ڪُھِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 20 ]
مارِيَس اِنَهِيءَ مامِري، جِيئَن سَڀَ ڪَنھِن ڳالِهہ سُئي،
ڪُرَڻِ ساڻُ ڪُھِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 20 ]
راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ ۾ اَٿُون داڳُ،
وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 23 ]
وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 23 ]
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

پَلاڻِئو پِئو، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي،
جَنھِن مَيي ٿي مَڻَ کَنيا، سو رِڙَھَڻَ کان رَھِيو،
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، اڱَڻُ اَوکو ٿِئو،
جيڏاَنھَن وَڳُ وِئو، توءِ تَرَسي اوڏھِين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 22 ]
جَنھِن مَيي ٿي مَڻَ کَنيا، سو رِڙَھَڻَ کان رَھِيو،
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، اڱَڻُ اَوکو ٿِئو،
جيڏاَنھَن وَڳُ وِئو، توءِ تَرَسي اوڏھِين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 22 ]
ڪَرَھو توءِ نَہ مُون، وِئو دَرِياھان پارِ،
پَنجُوڙِڪِي پيرَنِ ۾، ڪَرھي سِنئَن ڪَپارِ،
نَڪِي لَهرِ لوڙِھِئو، نَڪِي ٻوڙئو تارِ،
اَکِيُنِ جي آرِ، تَرِي وِيو واھڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 52 ]
پَنجُوڙِڪِي پيرَنِ ۾، ڪَرھي سِنئَن ڪَپارِ،
نَڪِي لَهرِ لوڙِھِئو، نَڪِي ٻوڙئو تارِ،
اَکِيُنِ جي آرِ، تَرِي وِيو واھڙو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 52 ]
اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ،
چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 21 ]
چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 21 ]
English Meaning
Gone, went