وِلَهہ جي سنڌي معنيٰ
ماٽَ، ماڪ، ساٽ، اوس . آلاڻ، ٿڌ، گهميل هوا، گهمَ . ڏاڍي ٿڌ، سياري ۾ ٻاهر سمهڻ جي حالت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dew, a damp wind.
وِلَهہ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي،
اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي،
پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 14 ]
اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي،
پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 14 ]
آئُون ڪِيئَن سَوَڙين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري وِلَهہ؟
کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ اِھَڙِي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 14 ]
کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ اِھَڙِي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 14 ]
اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
English Meaning
Dew, a damp wind.