ٻانھوٽِي جي سنڌي معنيٰ
ننڍڙي ٻانهي، ڪنيزڪ. غلامن جي غلام. گولِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A junior slave girl.
ٻانھوٽِي جا بيتن ۾ حوالا
ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي،
ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي،
مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 12 ]
ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي،
مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 12 ]
ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 13 ]
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 13 ]
English Meaning
A junior slave girl.