پاٽُوندَرَ جي سنڌي معنيٰ
ونڊيندڙ، ورهائيندڙ. فياض، سخي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Distributor, generous, one who gives a lot, donor.
پاٽُوندَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُڇَنِ ڪِينَ مُھان، اوتُون ڏِينِ اَکِيُنِ سين،
اُنِهِيءَ واٽَ وِئا، پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 14 ]
اُنِهِيءَ واٽَ وِئا، پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 14 ]
پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين اَمُلَ،
مُنھِن گهُنڊِي تَنِ ڳَلَ، ڀوري لوڪَ نَہ لَکِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 15 ]
مُنھِن گهُنڊِي تَنِ ڳَلَ، ڀوري لوڪَ نَہ لَکِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 15 ]
پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين آھِين،
گهُڊَڙِي نَہ لاھِينِ، سَڄَڻَ ڀَنڀي وارَ جِيئَن.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 16 ]
گهُڊَڙِي نَہ لاھِينِ، سَڄَڻَ ڀَنڀي وارَ جِيئَن.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 16 ]
سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ ٻِئا،
جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا،
ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،
پاٽُوندَرَ پِيا، وَڃِي، ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 30 ]