پاڙُون جي سنڌي معنيٰ
جَڙُون، بيخون. ڪنھن بہ نباتات جون زمين ۾ پکڙيل تندُون. تاندورن وارو حصو وڻ يا ٻوٽي کي مضبوط جهلي ۽ پاڻي چُھي وڻ کي رسائي. پيڙه، بُنياد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Roots, origins, sources.
پاڙُون جا بيتن ۾ حوالا
دَرياھَ ڪَندي دَسَ، ڪِھَڙو سُکُ سَري تو،
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پَتارَ ۾، ڀَؤُنرُ ڀِري ۾ سُڃَ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، عِشقَ اِي اُھِڃَ،
تَہ پُڻ مَرَنِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 35 ]
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، عِشقَ اِي اُھِڃَ،
تَہ پُڻ مَرَنِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 35 ]
English Meaning
Roots, origins, sources.
پاڙُون ٻول جا زمرا