پوٿِي جي سنڌي معنيٰ
ھندن جو ڌرمي ڪتاب. ٽپڻو، ڪتاب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
religious book of Hinduism. Book.
پوٿِي جا بيتن ۾ حوالا
اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]