پَئِي جي سنڌي معنيٰ
مٿان اچي، رھي، ليٽي، ڪِري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To fall, tumble, to lie down, to occur, befall, happen, enter upon, penetrate.
پَئِي جا بيتن ۾ حوالا
رانجها وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان،
ماھِي وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان.
اَو اي آندِي ٻانِهي وو مَين، تيڏَي واسِطي رَھِيان،
ري وو مَين پَئِي وو مَينُون نالِ وِسارِ نَھِين،
چيٽَڪُ لايا وو مَينُون، ڪُوڪَ ڪَنھِن سُڻِوايا تَينُون،
شَرَمُ شانُ سوئي تَينُون نامي واسِطي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 12 ]

مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ،
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن لِڪِئو لَياڪا پائيين،
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
پَئِي پِريان جي نَہ ٿِيين، مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئو کايو سُمَهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 10 ]
سائِي سيلِهي سينڱ، پَئِي آھي پَٽَ ۾،
ڪَنھِن جِي آھي ڪِينَ، ڇِڪِيندَڙَ ڇڏي وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 23 ]
ڪَنھِن جِي آھي ڪِينَ، ڇِڪِيندَڙَ ڇڏي وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 23 ]
وَکَرُ سو وِھاءِ، جو پَئِي پُراڻو نَہ ٿِئي،
ويچِيندي وِلائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ
سا ڪا ھَڙَ ھَلاءِ، آڳَھَ جَنھِن جي اُبُھين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 9 ]
ويچِيندي وِلائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ
سا ڪا ھَڙَ ھَلاءِ، آڳَھَ جَنھِن جي اُبُھين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 9 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان،
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِيئَن،
وَنءُ صَرافَنِ سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 23 ]
وَنءُ صَرافَنِ سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 23 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِتِ،
ڪوھُ نَہ رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 24 ]
ڪوھُ نَہ رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 24 ]
سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري،
اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي،
جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 5 ]
اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي،
جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 5 ]
ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا،
مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا،
ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا،
اَچِي پَئِي اُتَھِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا،
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونھان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 5 ]