پَتَڻِ جي سنڌي معنيٰ
درياءَ يا نھر جو گهيڙ جتان ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پار اڪرن. تَڙُ. درياءَ ۾ هڪ ڪپ کان ٻئي ڪپ ڏانھن نيندڙ ٻيڙي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A port. A ferry. Ferry hire.
پَتَڻِ جا بيتن ۾ حوالا
ويرَ مَ لاھي ويھُ، مَٿي آرَ اوڙاھَ جي،
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اِي،
ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُ پَتَڻِ ھُنَ پارِ مَڻي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 18 ]
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اِي،
ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُ پَتَڻِ ھُنَ پارِ مَڻي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 18 ]
پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي سِڙَه ويندا گَڏِئا،
اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 14 ]
اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 14 ]
English Meaning
A port. A ferry. Ferry hire.