پَسَنِ جي سنڌي معنيٰ
ڏسن، حاصل ڪن، نھارن، جاچن. معلوم ڪن. محسوس ڪن. لَکَن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Achieve, see, observe, feel, test, taste
پَسَنِ جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ،
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ،
فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ،
پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 2 ]
فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ،
پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 2 ]
مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ کي،
وَرَقَ جٖي وِصالَ جا، پَنا سي نَہ پاڙِھِين،
سا سِٽَ نَہ سيکارِين، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 36 ]
وَرَقَ جٖي وِصالَ جا، پَنا سي نَہ پاڙِھِين،
سا سِٽَ نَہ سيکارِين، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 36 ]
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين پِرِينءَ کي،
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي،
وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ،
سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 13 ]
وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ،
سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 13 ]
جَڙَ جِيئَري جَنِ سين، مُئي سين تَنِ،
جٖي ھِتِ نَہ ھوتُ پَسَنِ، سي ڪَنھِن پَرِ ڪيچِ پَسَندِيُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 9 ]
جٖي ھِتِ نَہ ھوتُ پَسَنِ، سي ڪَنھِن پَرِ ڪيچِ پَسَندِيُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 9 ]
سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، غافِلِ مَنجِهہ گَهرَنِ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڪَرَ ڳَلُ سوءِ نَہ ڪَنِ،
سي ڪوھُ پِرِين پَسَنِ، جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 8 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڪَرَ ڳَلُ سوءِ نَہ ڪَنِ،
سي ڪوھُ پِرِين پَسَنِ، جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 8 ]
ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ،
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ،
تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 15 ]
تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 15 ]
عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ،
مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 10 ]
مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 10 ]
English Meaning
Achieve, see, observe, feel, test, taste