پَنُ جي سنڌي معنيٰ
لڄ، پَتِ، حفاظت، اَمانُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Honour, bashfulness, mod-esty, sense of decency.
پَنُ جا بيتن ۾ حوالا
جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پَنُ،
تِئان ڇاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ،
تَنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُوماڻو ڪوڙِ لَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 54 ]

مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو نَہ پِئا مامِري،
ديسُ ڇَڏي پَرَديسَ ۾، ڪَنھِن ايرادي آئِي،
جا ڄارِيُنِ ۾ ڄائِي، تَنھِن جو پَرَوَرَ پَنُ رَھائِيين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 5 ]

پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، ساري ڏيجِ سَلامَ،
سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ،
سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ جو.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 6 ]

پُورِئا دَرَ مَ پَنُ، جَنِ پِنِيي پُورَتِ نَہ ٿِئي،
ڏيھَ ۾ ڏاتَرُ ھيڪِڙو، نانءُ تَنھِين جو ڳِنُهہ،
جَو زَينَ رَساڻي دِنُ، ڏيئِي ڏُرمائي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 50 ]