پَڪو جي سنڌي معنيٰ
پختو، پچيل، دائمي، مضبوط، جانٺو، پڪل، رَسيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ripe, mature, cooked as food, baked as bricks, firm, strong, cunning, artful, knowing, proved, expert, peremptory.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
پَڪو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَچي ساڻُ ڪَھي، پَڪو پُڇي نَہ سُهڻِي،
لَنگِهئو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، وَڇارَنِ وَھي،
سا ڪِيئَن نِينھُن نَھي، جَنھِن کي نِينھَن نَڌو کَڻِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 7 ]

ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو،
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]

پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي،
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي،
سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،
مَوجُون مُنجهائي، مَڇُڻ مارِينَئِي مَھِراڻَ جُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 19 ]

ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]

سُورِيءَ سُٿَرِيا، پَڪو سَهو وِلارِئو،
چَنيسَر ڪانڌا، تان مُون ھِينئَن نَہ ڀانيو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 15 ]